يروشلم : اسرائيلي فوج جي ميجر جنرل ايال ضمير کي نئون چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب، ڪابينا آچر تي ميجر جنرل ايال ضمير کي اسرائيلي ڊفينس فورسز جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جي آخري منظوري ڏني، جيڪو ايال ضمير جي مقرري جو آخري قدم هو.رپورٽن موجب، ايال ضمير دفاع واري وزارت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. کيس اسرائيل جي اڳوڻي آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل هرزي هالوي جي استعيفيٰ کان پوءِ آرمي چيف مقرر ڪيو ويو هو، جنهن 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي کي فوجي ناڪامي تسليم ڪندي استعيفيٰ ڏني هئي.اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايال ضمير ايندڙ مهيني 5 مارچ تي اسرائيلي فوج جي 24 هين چيف آف اسٽاف جو عهدو سنڀاليندو.ان کان علاوه، ميجر جنرل تمير يدي کي نئون ڊپٽي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي.