اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون ڪيس ۾ پيپلز پارٽي کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 12 مارچ تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. پيپلز پارٽي جو وڪيل ساجد تنولي موقف اختيار ڪيو ته پارٽي چيئرمين آمريڪا ۾ آهي ۽ سينيٽر فاروق نائيڪ سينيٽ جي مصروفيتن سبب موجود نه آهي انهي لاءِ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.
سنڌ جي ميمبر نثار دراني نشاندهي ڪئي ته پيپلز پارٽي 6 جنوري 2021 تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون هيون، هنن جون چونڊون چئن سالن لاءِ هونديون آهن چئن سالن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. پنجاب جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ڪيتري وقت جي ضرورت آهي جنهن تي پ پ جي وڪيل چيو ته هڪ مهيني جي مهلت جي درخواست ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي کي 12 مارچ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ۾ تحريڪ انصاف به پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن کي اليڪشن ڪميشن اڌورو قرار ڏيندي ٻيا دستاويزات جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.