اسلام آباد: ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان اعليٰ سطحي وفد ۽ ترڪ خاتون اول سان گڏ اسلام آباد پهچي ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪيه جي صدر جو استقبال ڪيو.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو آهي ترڪيه جون مشهور ڪاروباري شخصيتون به ترڪ صدر سان گڏ آهن. صدر رجب طيب اردوان جي پهچڻ تي سندس اعزاز ۾ 21 توبن جي سلامي ڏني وئي، روايتي لباس پاتل اسڪول جي ٻارن ترڪ صدر کي ڀليڪار چيو. ملٽري بينڊ به روايتي انداز ۾ ترڪ صدر جو استقبال ڪيو جڏهن ته پاڪستان جي فضائي حدن ۾ پاڪ فضائيه جي جهازن سندس فضائي استقبال ڪيو. پڌرائي موجب پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 جهاز ترڪ صدر جي جهاز کي پنهنجي گهيري ۾ اسلام آباد ۾ وٺي آيا.
ترڪ صدر رجبن طيب اردوان اسلام آباد ايئرپورٽ کان وزيراعظم هائوس پهتو جتي ان جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان گذريل رات 2 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو هو جتي نور خان ايئربيس تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير ۽ ٻين وفاقي وزيرن، اختيارين سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم هائوس پهچڻ تي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا جڏهن ته ترڪ صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. جنهن کان پوءِ وزيراعظم معزز مهمانن سان وزيرن جو تعارف ڪرايو.