سڄي ملڪ ۾ اڄ شب برات مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ اڄ شب برات مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. شب برات جي رات مسلمان رب پاڪ جي آڏو سجدو ڪري مغفرت طلب ڪندا آهن ۽ انهي  عزم جو ارادو ڪندا آهن ته هو هميشه جي لاءِ نافرمانين کان  پاسو ڪندا.

ڀلاري رات ۾ مسلمانن جو وڏو انگ گناهن کان توبهه ڪندي پنهنجي اعمالن جي اصلاح ڪرڻ جو عهد ڪندو آهي ۽ رب پاڪ کان دعا ڪندا آهن ته انهن جي رزق ۾ خيروبرڪت عطا ڪئي وڃي ۽ انهي کي ۽ سندس گهر ڀاتين کي صحت ۽ تندرستي جي دولت سان مالا مال ڪيو وڃي.

شب برات جي حوالي سان سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ خصوصي شب بيداري جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جتي نفل جون ادائيگيون ٿينديون آهن، درود سلام جون محفلون منعقد ۽ ذڪر جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. مسجدن ۾ عالم سڳورا ۽ مفتي شب برات جي فضيلت بيان ڪندا ۽ خصوصي عبادتن جي حوالي سان ماڻهن کي رهنمائي ڏني ويندي. شب بيداري جي حوالي سان ماڻهو پنهنجي گهرن تي به اهو اهتمام ڪندا آهن جتي خصوصي محفلون معقد ڪيون وينديون آهن.

شب بيداري کان اڳ  مغرب ۽ عشاءَ جي نماز وچ ۾ ماڻهن جو وڏو انگ قبرستانن جو رخ ڪندو آهي جتي هو پنهنجن پيارن، مائٽن دوستن جي قبرن تي وڃي فاتحه خواني ڪندا آهن. شب برات جي موقعي تي مسجدن، مزارن ۽ ٻين عبادت جي جاين کي رنگ برنگي لائٽن سان سجايو ويندو آهي.

ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن جي قبرستانن ۾ مقامي ضلعي انتظاميه طرفان صفائي، سٿرائي سان گڏوگڏ روشني جا به انتظام ڪيا ويندا آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن جون به خصوصي ڊيوٽيون لڳايون وينديون آهن.