جناح هائوس حملو ڪيس: پوليس عليمه ۽ عظميٰ خان کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور:  پوليس جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان کي بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو.

دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ عليمه خان  خلاف 9 مئي جي ڪيسز ۾ عبوري ضمانتن تي ٻڌڻي ٿي،  جاچ آفيسر چيو ته عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي خلاف جاچ مڪمل آهي، عليمه خان ۽ عظميٰ خان جناح هائوس ڪيس ۾ بي قصور آهن.

عدالت ٻاهران ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته الله سائين اسان کي سرخرو ڪيو، اسان وڏي وقت کان هن نظام جي حوالي سان ڪجهه ڪجهه سکيو، اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان 9 مئي جي ڪيسز ۾ گهربل نه آهيون.

عليمه خان وڌيڪ چيو ته رب پاڪ ڪنهن دشمن کي به اهڙي قسم جي اذيت مان نه گذاري جاچ آفيسر پهرين ڏينهن پيش ٿئي ها ته صورتحال هيستائين نه پهچي ها. هن ڏوراپو ڏيندي چيو ته رڪارڊ  موجود نه هجڻ سبب اسان کي 20 مهينن تائين عدالتن جا چڪر لڳائڻا پيا، جاچ آفيسرن جي ڪوتاهي سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي غير ضروري سزائون ڀوڳڻيون پيون.