گهرو وزير محسن نقوي جي سنڌ جي گورنر سان ملاقات، امن امان سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي ۾ امن جي قيام، ڪرڪيٽ کي هٿي، پاڪستان سپرليگ سميت امن امان جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته امن امان جي قيام ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، نيشنل اسٽيڊيم جي نئين سري سان تعمير سبب ڪرڪيٽ کي هٿي ملندي، محدود وقت ۾ نيشنل اسٽيڊيم جي شاندار تعمير قابل تحسين عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ سان ڪرڪيٽ جو نئون ٽيلينٽ اڀري سامهون ايندو. گورنر چيو ته آفاق احمد جي گرفتاري ۾ جيڪا تيزي نظر آئي  اها ٻين شين ۾ به نظر اچڻ گهرجي.

انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گورنر انيشيٽو تحت جاري منصوبا تعريف جوڳا آهن، آءِ ٽي جي جديد ڪورسز سان نوجوانن جو مستقبل روشن ٿيندو. هن وڻڪاري مهم جي تحت گورنر هائوس ۾ ٻوٽو به لڳايو.

سنڌ جي گورنر چيو ته مان اڄ محسن نقوي جي ڪمن جي تعريف ڪئي آهي،  هن 4 مهينن ۾ قذافي اسٽيڊيم تيار ڪيو. انهي سان ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيون آهن، گذريل 2 مهينن دوران ڊمپرز سبب ماڻهو مري رهيا آهن، افغانستان مان آندل ڊمپرز به شهر ۾ هلي رهيا آهن ڪنهن به شخص کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

ڪامران ٽيسوري چيو ته عمران خان جو ڪو ماڻهو اچي گهنٽي وڄائيندو ته انهي جي لاءِ به ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن عمران خان جي بيرڪ ۾ بجلي ناهي ته انهي لاءِ به ڪونه ڪو  بندوبست ٿي سگهي ٿو.

Interior Minister Mohsin Naqvi's meeting with the Governor of Sindh