ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ 7 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) تصديق ڪئي آهي ته ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن مان ست پاڪستاني شهري هئا.ايف آءِ اي موجب، ليبيا جي ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل 16 ماڻهن مان ست پاڪستاني هئا، جن جي سڃاڻپ انهن جي پاسپورٽن مان ٿي.ايف آءِ اي چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ست پاڪستاني خيبرپختونخوا جا رهواسي هئا، جن مان ڇهه ڪرم ۽ هڪ باجوڙ جو رهواسي هو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ليبيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني چيو هو ته مارسا ڊيلا بندرگاهه جي ويجهو 65 مسافرن سان ڀريل ٻيڙي ٻڏي وئي آهي.شروعاتي معلومات مان ظاهر ٿيو ته حادثي ۾ 16 پاڪستاني مارجي ويا، پر گذريل ڏينهن فوت ٿيندڙن مان صرف 10 جا لاش هٿ ڪيا ويا.