اسان مان ڪنهن کي خطرو ناهي، گارڊ نه رکندس: سيف علي خان

ممبئي : بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان حملي جي باوجود سيڪيورٽي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.گذريل مهيني، ممبئي جي باندرا علائقي ۾ سيف علي خان جي اپارٽمينٽ ۾ ڦرلٽ ٿي هئي، جنهن کي اداڪار مزاحمت ڪندي ناڪام بڻايو، پر ڦرلٽ دوران هو زخمي پڻ ٿيو هو،ڦر جي واقعي کان پوءِ خبرون سامهون آيون ته بالي ووڊ اداڪار رنوير راءِ جي سيڪيورٽي ايجنسي سيف علي خان جي گهر کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي، جنهن لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرا پڻ لڳايا ويا آهن، جڏهن ته رنوير راءِ کي سيف جي باندرا گهر جي ٻاهران پوليس آفيسرن سان ڳالهائيندي به ڏٺو ويو،جڏهن ته، ان حوالي سان، سيف علي خان هاڻي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ سيڪيورٽي نه هجڻ جو سبب ٻڌايو،اداڪار چيو ته ”مون ڪڏهن به سيڪيورٽي تي يقين نه ڪيو، مان ڪڏهن به سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ هلڻ نه ٿي چاهيو، مان سمجهان ٿو ته اهو منهنجي لاءِ خوفناڪ خواب هوندو ۽ مان اڃا به نه هلندس ڇو ته مان نٿو سمجهان ته اهو مون تي حملو آهي، مان ڪنهن به خطري ۾ نه آهيان، اسان مان ڪو به خطري ۾ ناهي، اها هڪ غلطي آهي جيڪا ڪئي وئي آهي،واضح رهي ته اداڪار سيف علي خان جي گهر ۾ ڦرلٽ ڪندڙ شخص بنگلاديشي شهري ۽ قومي سطح جو ڪبڊي رانديگر آهي جيڪو هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهي.

None of us are in danger