ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ هڪ ٻئي ٻيڙي حادثي جو شڪار

اسلام آباد:  ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ هڪ ٻئي ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ليبيا ۾ هڪ ٻئي ٻيڙي حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ليبيا جي سمنڊ ڀرسان پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي.

ليبيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني موجب 65 مسافرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي مرساڊيلا جي بندر گاهه ڀرسان اونڌي ٿي وئي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته طرابلس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم زاويه اسپتال رواني ڪئي وئي آهي. پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم مقامي اختيارين جي  مدد ڪندي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته  انهي حوالي سان ڪرائسز مينجمينٽ يونٽ  کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، ٻيڙي حادثي ۾ متاثر پاڪستانين جا تفصيل جمع ڪيا پيا وڃن.