شمسي نظام ۾ حيرت جوڳي کوجنا، جاڙن ستارن سائنسندانن کي دنگ ڪري ڇڏيو

سائنسدانن شمسي نظام جي سڀ کان وڏن سيارين مان هڪ ”مشتري“ کان به ٻارهن ڀيرا وڏو سيارو دريافت ڪري ورتو آهي.

هن سياري جي ڀيٽ ۾ مشتري هڪ ننڍو سيارو لڳي ٿو. وڏي حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهو وڏو سيارو اسان جي سج کان ننڍي تاري جي چوڌاري چڪر هڻي رهيو آهي.

سائنسدانن هن سياري کي زمين کان 244 نوري سالن جي مفاصلي تي دريافت ڪيو ۽ ان کي Gaia-4b جو نالو ڏنو ويو آهي ، جنهن سان هڪ ننڍو سيارو Gaia-5b به موجود آهي جيڪو 134 نوري سالن جي فاصلي تي موجود آهي.

يورپين اسپيس ايجنسي جي Gaia اسپيس ڪرافٽ هن سياري کي دريافت ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي.

هن اسپيس ڪرافٽ جو پيٽرول تازو ئي ختم ٿي چڪو هو ۽ ان جي مدد سان سائنسدانن کي هن وڏو وجود رکندڙ سياري جا نشان مليا.

جڏهن ته ٻين سائنسي اوزارن جي مدد سان ان جي تصديق ڪئي وئي.

جيتوڻيڪ Gaia  اسپيس ڪرافٽ جو سائنسي مشاهدو 15 جنوري 2025 تي ختم ٿي چڪو آهي، پر ان جي ڊيٽا ۾ گهڻو ڪجهه لڪايو ويو آهي ۽ انهن سڀني تفصيلن کي هوريان هوريان سامهون آڻڻ جو عمل جاري رهندو.

يورپين اسپيس ايجنسي سان تعلق رکندڙ ماهر ميٿيو اسٽيڊنگ چيو آهي ته سياري جي دريافت حيرت جوڳي آهي، حقيقت ۾ اسان جو اهو مڃڻ آهي ته هي Gaia اسپيس ڪرافٽ جي ڊيٽا مان سامهون اچڻ وارا راز رڳو هڪ شروعات آهن.

هن وقت تائين سائنسدانن ڪائنات ۾ گڏيل طور تي 5800 سيارا دريافت ڪيا ويا آهن،  جڏهن ته هزارين اهڙا آهن جن جي بابت جاچ  ڪئي پئي وڃي جنهن کان پوءِ انهن کي باقاعده طور تي سيارو تسليم ڪيو ويندو.

هڪ اندازي موجب ڪائنات ۾ اربين، ڪروڙين ڳاڙهين ڪهڪشائن جي موجودگي آهي ته سيارن جو تعداد اسان جي اندازن کان به وڌيڪ هوندو.

سائنسدانن Gaia-4b کي سپر مشتري قرار ڏنو آهي جيڪو ٿڌي گيس مان ٺهيل آهي ۽ پنهنجي تاري جي چوڌاري چڪر زمين جي 570 ڏينهن ۾ مڪمل ڪندو آهي.

سائنسدانن جي خيال ۾ هن سياري جو حجم پنهنجي تاري جي 64 سيڪڙو رقبن جي برابر آهي ۽ انهيءَ ڪري اهو ڪنهن ننڍي تاري جي مدار ۾ ڦرڻ وارن ڪجھه وڏن سيارن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.

هن تحقيق جا نتيجا Astrophysical جرنل ۾ ڇپيا آهن.