فراڊ ڪيس: سونو سود جا وارنٽ جاري، پيش ڪرڻ جو حڪم

ممبئي : ڀارت جي هڪ مقامي عدالت بالي ووڊ اداڪار سونو سود جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب، پنجاب جي شهر لڌيانا جي هڪ عدالت اداڪار سونو سود جي هڪ مبينا فراڊ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته لڌيانا جي هڪ وڪيل راجيش کنا 10 لک رپين جي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ الزام لڳايو ته مکيه ملزم موهت شڪلا کيس جعلي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ لالچ ڏنو.عدالت هن ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ سونو سود کي طلب ڪيو هو، پر اداڪار عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن کانپوءِ لڌيانا جي جڊيشل مئجسٽريٽ اداڪار لاءِ وارنٽ جاري ڪيو.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب عدالت سونو سود کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

Fraud case: Sono Sood warrant issued