الله جو شڪر ته پاڪستان جو زوال ڏانهن سفر رڪجي ويو: نواز شريف

لاهور :اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته الله جو شڪر آهي ته پاڪستان جو زوال ڏانهن سفر رڪجي ويو آهي.هڪ بيان ۾ نواز شريف چيو ته جيڪڏهن نيت صحيح هجي ته الله تعاليٰ مدد ڪندو.هن چيو ته خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ سڀ کان وڏي عبادت آهي، ۽ خدا تعاليٰ ماڻهن جي خدمت جو بدلو ۽ انعام ڏئي ٿو.مسلم ليگ (ن) جي صدر جو چوڻ آهي ته معاشي بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ملڪ ۽ قوم جي بهتري جا اشارا آهن.نواز شريف اهو به چيو ته صرف مسلسل معاشي ترقي ذريعي ئي ماڻهن جون حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون.

Thanks to Allah