ڪراچي: عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فِچ جمعي تي پاڪستان جي معاشي استحڪام جي حوالي سان اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو آهي. هڪ نوٽ ۾ فچ چيو آهي ته “پاڪستان اقتصادي استحڪام جي بحالي ۽ ٻاهرين بفرز جي تعمير لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي.” گذريل سال، ايجنسي پاڪستان جي ڊگهي مدي واري فارن ڪرنسي جاري ڪندڙ ڊفالٽ ريٽنگ (IDR) کي CCC کان CCC + تي اپ گريڊ ڪيو هو جڏهن پاڪستان جو بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) سان معاهدو ٿيو هو. فچ جي مطابق، هڪ سي سي سي جي درجه بندي هڪ قياس آرائي يا فضول گريڊ آهي جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته هي ملڪ قرض جي ذميواري تي ڊفالٽ ڪري سگهي ٿو. ٽرپل سي پلس جي ريٽنگ ان خطري کان ٻاهر هجڻ جي درجا بندي آهي. فچ چيو آهي ته اسٽرڪچرل ريفارمز سبب پاڪستان کي ا3 ايم ايف ۽ ٻين امدادي ادارن مان امداد ملڻ جو چٽو امڪان آهن.