مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل 4 پاڪستانين جا لاش ملڪ واپس پهچايا ويا

اسلام آباد: مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل 4 پاڪستانين جا لاش ملڪ واپس پهچايا ويا آهن. رپورٽ موجب مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل 4 پاڪستانين جي لاشن کي اڏام ايس وي 726 جي ذريعي اسلام آباد پهچايو ويو.

ذريعن موجب 2 مڙهن جو تعلق منڊي بهاءُالدين ۽ هڪ جو تعلق شيخوپوره سان آهي جڏهن ته جن ماڻهن جا لاش ملڪ واپس آندا ويا انهن ۾ محمد ارسلان، علي سجاد، حامد شبير ۽ اقبال وقاص شامل آهن. پاڪستانين جي ملڪ واپسي جي موقعي تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ ايئرپورٽ تي موجود هو.

ياد رهي ته 15 جنوري تي ٻيڙي واقعي ۾ 44 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون هيون پر مقامي اختيارين کي ريسڪيو آپريشن جي دوران صرف 13 لاش مليا جن جو تعلق پاڪستان سان هو جڏهن ته 27 کان وڌيڪ لاش نه ملي سگهيا هئا.