پي ايف يو جي پيڪا ترميمي ايڪٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

پي ايف يو جي صدر افضل بٽ عمران شفيق ايڊووڪيٽ جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف  اختيار ڪيو ويو آهي ته پيڪا ترميمي ايڪٽ غير آئيني، غير قانوني آهي ۽ آزاد صحافت تي حملو آهي.

عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيڪا(پي اي سي اي) قانون اظهار جي آزادي تي پابندي، حڪومتي ڪنٽرول ۾ اضافو آهي. عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته آزاد صحافت جي خلاف قانون پي اي سي اي 2025 معطل ڪيو وڃي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي خلاف آهي. پيڪا ترميمي قانون حڪومتي سينسر شپ کي غير محدود اختيار ڏئي ٿو. بنا قانوني عمل جي جعلي خبرن کي ڏوهه قرار ڏيڻ غير آئين ۽ آزاد صحافت تي پابندي لڳائڻ آهي. پيڪا ترميمي ايڪٽ عالمي انساني حقن ۽ پاڪستان ۾ ڊجيٽل حقن جي بدترين ڀڃڪڙي آهي. پيڪا جي تحت ريگوليٽري اٿارٽي جي ڪابه آئيني حيثيت نه آهي.

پيڪا ايڪٽ جي خلاف داخل ڪيل درخواستگذار جي وڪيل عمران شفيق ايڊووڪيٽ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اهو قانون آزاد صحافت تي پابندي آهي. حڪومت اظهار جي آزادي کي چيڀاٽڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ڪوڙي انفارميشن کي طئي ڪرڻ جو ڪوبه طريقيڪار واضح ٿيل نه آهي. پوليس جڏهن چاهي گرفتاريون ڪري ٿي سگهي. مون کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي لاءِ عدالتن مان 3 کان 4 سال لڳي ويندا