بنگلاديشي عوام جي شيخ مجيب جي يادگار ۽ رهائشگاهه تي چڙهائي، ڀڃ ڊاهه کان پوءِ باهه ڏئي ڇڏي

ڍاڪا: بنگلاديشي جي عوام چڙهائي ڪندي شيخ مجيب جي يادگار ۽ هٽايل وزيراعظم شيخ حسينه جي تاريخي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ باهه ڏئي ڇڏي.

برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ  موجب اربع جي رات دير سان هزارين ماڻهن گادي واري شهر ڍاڪا مان هڪ ريلي ڪڍي ۽ مارچ ڪيو جنهن کي بلڊوزر پروسيشن جو نالو ڏنو ويو. انهي جلوس جو مقصد شيخ حسينه جي مرحوم والد ۽ بنگلاديش کي ڌار ڪرڻ واري تحريڪ جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي گهر کي ڪيرائڻ هو جنهن 1971ع ۾ پاڪستان کان ملڪ کي ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

مارچ جي شروعات ۽ مظاهرين کي چڙ ڏيارڻ جو سبب شيخ حسينه جي پنهنجي پارٽي عوامي ليگ پارٽي جي حامين طرفان ڀارت مان تقرير ڪرڻ جو منصوبو سامهون اچڻ سبب ٿيو. شيخ حسينه واجد پنهنجي 15 سالن کان جاري حڪمراني خلاف شاگردن جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ احتجاج کان پوءِ ڀارت فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ اتي جلا وطني جي زندگي گذاري رهي آهي.

رپورٽ موجب مظاهرين رات 8 وڳي گهر ڀرسان جمع ٿيڻ شروع ٿيا، انهي موقعي تي عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مظاهرين مان ڪجه ماڻهن لٺيون، هٿوڙا، بيلچا ۽ ٻيا اوزار پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمارت جي مٿانهين منزل کي رات 9 لڳي 30 منٽن تي باهه ڏني وئي رات دير تائين هڪ ڪرين ۽ هڪ ايڪسڪيويٽر موقعي تي پهتو. انهي دوران عمارت جا ڪجهه حصا ڊاهي پٽ ڪيا ويا.

مقامي ميڊيا موجب عوامي ميڙ طرفان عوامي ليگ تي پابندي جو به مطالبو ڪيو ويو. سامهون ايندڙ وڊيوز ۾ گهر جي هڪ منزل تي باهه جا شعلا نظر اچي رهيا هئا. مقامي ميڊيا موجب اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي آن لائين تقرير کان پوءِ عوامي ليگ جي خلاف احتجاج شروع ٿيو.

سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته جيڪڏهن شيخ حسينه آن لائن تقرير ڪري ٿي ته شيخ مجيب الرحمان جي دهانمنڊي 32 ۾ واقع رهائشگاهه طرف بلڊوز جلوس آندو وڃي. رپورٽ موجب رات جو مظاهرين هڪ ريلي جي شڪل ۾ شيخ مجيب جي رهائشگاهه پهتا عوام گيٽ ٽوڙيندي زبردستي اندر داخل ٿي وئي. مظاهرين رهائشگاهه ۾ موجود شيخ مجيب الرحمان جي تصويرن کي به باهه ڏئي ڇڏي.

مظاهرين انهي موقعي تي چيو ته شيخ مجيب الرحمان جو خاندان آمريت ۽ فسطانيت جي نشاني آهي. بنگلاديش کان مجيب ازم جي فاشزم جي هر نشان  کي مٽايو ويندو. مظاهرين طرفان شيخ حسينه واجد کي واپس آڻي ڦاهي ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته  ٻين شخصيتن خاص طور انقلاب منچه جي ڪنوينر ۽ جاتيو ناگورک ڪميٽي ميمبر شريف عثمان به حملي جي وارننگ  واري پوسٽ ڪئي هئي. گذريل سال 5 آگسٽ تي به مظاهرين شيخ مجيب جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو ۽ ڪجهه حصي کي باهه ڏني هئي. اهو گهر بنگلاديش جي تاريخ ۾ هڪ علامتي حيثيت رکندو هو. ڇو ته شيخ مجيب هتان کان ئي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي.

Bangladeshi people attacked Sheikh Mujib's memorial and residence