صدر جي چيني وزيراعظم سان ملاقات،لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ : صدر آصف علي زرداري، چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گريٽ هال آف دي پيپلز ۾ ٿيل ملاقات دوران صدر زرداري ۽ چيني وزيراعظم ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران پاڪ چين اقتصادي راهدادري جي ٻئي مرحلي تي به ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ توانائي، سائنس ٽيڪنالاجي، انفرا اسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر آصف علي زرداري ۽ چيني وزيراعظم لي چيانگ وچ ۾ ملاقات دوران بي ٽو بي ۽ خانگي شعبي جي رابطن ذريعي واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به صدر آصف علي زرداري سان گڏ هئا. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هو ترقياتي ايجنڊا لاءِ چين جي مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهن،علاقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سي پيڪ منصوبو اهميت جوڳو آهي، پاڪستان چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

President's meeting with Chinese Prime Minister