وزيراعظم عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جي دوري تي ويندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جي دوري لاءِ روانو ٿيندو. وزيراعظم لاڙڪاڻي ۾ مختلف اسپتالن جو دورو ڪندو ۽ اسپتالن جي صورتحال جو جائزو وٺندو.

وزيراعظم لاڙڪاڻي ۾ احساس سينٽر جو به دورو ڪندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ٽيم سان به وزيراعظم  گورنر هائوس ۾ ڪالهه ملاقات ڪئي هئي. وزيراعظم جي شيڊول ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينه جي ميمبرن سان ملاقات شامل نه هئي.

واضح رهي ته وزيراعظم ڪراچي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي جتي هو اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات به ڪندو. وزيراعظم گذريل شام ڪراچي جي دوري تي پهتو هو جتي ان جو استقبال سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪيو هو.

وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير ۽ خاص معاون به هئا. جڏهن ته  اين ڊي ايم اي جو چيئرمين به وزيراعظم سان گڏ ڪراچي پهتو هو. ڪراچي اچڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون