حج جي تياري ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حج 2025 جي تياري ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪئي ويندي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حج 2025 جي تيارين جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي حج 2025 جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

شهباز شريف چيو ته حج 2025 جي تياري ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪئي ويندي ۽ حج 2025 ۾ حاجي سڳورن جي لاءِ هر قسم جي مدد ۽ سهولت يقيني بنائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته حج 2025 جي تيارين جي حوالي سان جامع بريفنگ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پيش ڪئي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف حج مددگارن جي چونڊ جي طريقيڪار ۽ ٻين انتظامن تي به تفصيلي بريفنگ طلب ڪندي چيو ته حاجي سڳورن کي حج 2025 جي حوالي سان تربيت جي بهترين سهوليت فراهم ڪئي وڃي.

شهباز شريف حج ڊيوٽي تي سٺي شهرت جي قابل آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حاجي سڳورن جي رهائش، سفري ۽ ٻين سهوليتن جو خاص طور تي خيال رکيو وڃي.