پشاور: نگران دور ۾ ڀرتي ڪيل سرڪاري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ نگران دور ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن کي هٽائڻ لاءِ خيبرپختونخواهه جي ملازمن سروسز 2025 جي نالي سان بل تيار ڪري ورتو آهي.
نگران دور ۾ ڀرتي ڪيل سرڪاري ملازمن کي ڪڍڻ جو بل جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. متن موجب انهي بل جي تحت نگران حڪومت جي دوران ڀرتي ڪيل ملازمن کي نوڪري تان هٽائڻو آهي.
بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت جي دوران غيرقانوني طور تي ڀرتيون ڪيون ويون هيون، لاڳاپيل ادارو انهي حوالي سان بل پاس ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.
نوٽيفڪيشن جي تحت غيرقانوني ڀرتي ٿيل ملازمن کي هٽايو ويندو. بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪٿي به قانوني رنڊڪون سامهون اينديون ته ڪميٽي ۾ انهي جو جائزو ورتو ويندو.
سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي، ڪميٽي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل لا سميت ناڻي واري وزارت، انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽري شامل هوندا.
بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي جو فيصلو سمورن لاڳاپيل ادارن تي لاڳو هوندو. ذريعن موجب نگران حڪومت جي دور ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ڀرتيون ڪيون ويون.