نادرا ڪراچي ۾ شهرين جي سهوليت لاءِ نئين سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: نادرا طرفان ڪراچي ۾ نئين سروس متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن مان شهرين کي وڏي سهوليت ملندي.

اختيارين موجب شهرين کي انتظار جي زحمت ۽ ڊگهين قطارن ۾ بيهڻ کان بچائڻ جي لاءِ نادرا طرفان هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو ويو آهي جنهن جي تحت نادرا ڪراچي ريجن طرفان شهر ۾ بائيڪرز سروس متعارف ڪرائي پئي وڃي

نادرا جي اها نئين سهولت سومر جي ڏينهن کان شروع ٿيندي جنهن جي ذريعي شهري قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي جاري ۽ نئين سري سان ٺهرائڻ سميت ٻين معاملن ۾ فائدو حاصل ڪري سگهندا.

اختيارين موجب ڪراچي ۾ 3 بائيڪز جڏهن ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ شروعاتي طور تي هڪ هڪ بائيڪ جي ذريعي سروس شروع ڪئي پئي وڃي. نادرا بائيڪ سروس جي لاءِ وڌيڪ 10 بائيڪس ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شامل ڪيون وينديون.

نئين سهوليت جي حوالي سان اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته بائيڪ سروس جا نمائندا بيڪ پيڪ(پراسيس جي اوزارن) سان ليس هوندا ۽ گهر تي سروس جي لاءِ شهرين کان هڪ هزار روپيه اضافي فيس وصول ڪئي ويندي. فيس ۾ 825 روپيه سروس ۽ 175 روپيه ڊليوري چارجز شامل آهن.