اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح هلندڙ مالي سال ۾ مقرر هدف حاصل نه ڪري سگهندي.آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح جي تخميني تي نظرثاني ڪندي ان کي 3.2 سيڪڙو کان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف اندازو لڳايو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جو هدف هلندڙ مالي سال ۾ حاصل نه ٿيندو، جڏهن ته، ان گذريل سال جي مقابلي ۾ معاشي ترقي جي شرح ۾ واڌ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.آءِ ايم ايف اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 2.5 سيڪڙو هئي.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح هن مالي سال ۾ 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان هلندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي.آڪٽوبر 2024 ۾، آءِ ايم ايف موجوده مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح جو اندازو 3.2 سيڪڙو لڳايو هو.