پشاور: ڪُرم ضلعي جي ٽل ڪينٽ کان ويندڙ امدادي قافلي تي راڪيٽ سان حملو ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪرم ضلعي جي علائقي بگن ويندڙ قافلي تي راڪيٽ سان حملو ڪيو ويو جنهن سبب هڪ گاڏي کي نقصان پهتو آهي.
پوليس اختيارين موجب واقعي ۾ هينئر تائين ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي، قافلي ۾ شامل گاڏيون واپس ٽل روانيون ٿي ويون آهن.
انهي کان اڳ ڪرم جي لاءِ ٽئين قافلي جي پهرين مرحلي ۾ 35 مال سان ڀريل گاڏيون روانيون ڪيون ويون هيون جن ۾ دوائون، سبزيون، فروٽ ۽ کائڻ پيئڻ جون ٻيون شيون شامل هيون جڏهن ته قافلي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ايف سي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي هئي.
ٻئي طرف ڪرم کان مريضن جي منتقلي لاءِ هيليڪاپٽر سروس 10 ڏينهن کان بند آهي جنهن جي ڪري مريضن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايم ايس ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڊاڪٽر مير حسن جان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته دوائون آڻڻ ۽ مريضن جي منتقلي لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس 10 ڏينهن کان بند آهي هيلي ڪاپٽر سروس جي لاءِ ضلعي انتظاميه کي ليٽر اماڻيو آهي.
ايم ايس وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه کان 74 مريضن جي منتقلي جي درخواست ڪئي آهي ڇو ته موجوده حالتن ۾ روڊن تان مريضن کي منتقل ڪرڻ جا آثار نٿا لڳن. انهي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزير دعويٰ ڪئي هئي ته ڪُرم ضلعي جي لاءِ هيليڪاپٽر سروس لاڳيتو جاري آهي