ڪيترن سالن کان موسيقي ناهي ٻڌي: عاطف اسلم

ڪراچي : عالمي شهرت يافته پاڪستاني ڳائڻي عاطف اسلم انڪشاف ڪيو آهي ته هن گذريل ڪيترن سالن کان موسيقي نه ٻڌي آهي.پنهنجي ويلاگ ”مائي بارڊر لیس ورلڊ“ ۾ پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر بابت ڳالهائيندي عاطف اسلم چيو ته مون کي موسيقيءَ جي شوق جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن منهنجا والدين نئين گهر ۾ شفٽ ٿيا ۽ پراڻو گهر خالي ڪيو، تڏهن مون مٿي چڙهي پراڻي گهر ۾ وڃي ڳائڻ شروع ڪيو.هن چيو ته جڏهن ڳائڻ دوران منهنجو آواز تيز ٿي ويو ته مان ڊڄي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته هاڻي ڇا ٿيو آهي. پوءِ هن جلدي دروازو بند ڪيو ۽ هيٺ لهي آيو.ڳائڻي چيو ته ڪجهه دير لاءِ مان ڊڄي ويس، پر هن واقعي کان پوءِ مون سوچيو ته مون کي اهو ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جڏهن مان خالي ڪمري ۾ ڳائي رهيو هوس ته ڇا ٿيو. تنهنڪري مان ساڳئي خالي ڪمري ۾ واپس ويس ۽ گيت ڳايو، ۽ مان ٻيهر ڊڄي واپس آيس، ۽ اهو جاري رهيو.هن چيو ته ان وقت مان اصل ۾ صرف 14 سالن جو هوس ۽ موسيقي جي ٽيڪنيڪل پهلوئن کان واقف نه هوس، پر پوءِ آهستي آهستي مون کي اهڙا ماڻهو مليا جيڪي موسيقي کي سمجهندا هئا ۽ انهن مون کي ٻڌايو ته گيت ڪيئن ٺهن ٿا، گيت جا لفظ ڪيئن لکيا وڃن ٿا، موسيقي ڪيئن ٺاهي وئي. وڊيوز ٺاهيون وينديون آهن، ۽ اهڙي طرح منهنجو موسيقي ڪيريئر شروع ٿيو.