اوهان واٽس ايپ ۾ 2025ع جي پهرين وڏي تبديلي نوٽ ڪئي آهي؟

نيويارڪ : ميٽا واٽس ايپ ۾ 2025ع جي پهرين وڏي تبديلي جو اشارو ڏنو آهي.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، ميٽا پاران هٿرادو ذهانت (اي آءِ) واري ٽيڪنالاجي کي پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي بيٽا ورزن اي آءِ ٽيب جو واڌارو ڪيو ويو آهي ته جيئن واهپيدار ڪمپني جا کوڙ سارا اي آءِ ٽولز کي استعمال ڪري سگهن. رپورٽ موجب، اي آءِ ٽيب ۾ مختلف فيچرز موجود هوندا جن ۾ هڪ فيچر مقبول اي آءِ ڪيريڪٽرز جو هوندو. اوهان مختلف اي آءِ بوٽس ذريعي ڪيترن ئي موضوعن تي چيٽ ڪري سگهندئو اهڙي ريت اي آءِ ذريعي تيار ڪيل اسٽيڪرز، تصويرون ۽ ميٽا جي اي آءِ سرچ انجڻ جھڙا فيچرز پڻ اتي موجود هوندا.اي آءِ اسٽيڪرز ۽ تصويرن جو آپشن ته هاڻي به موجود آهي پر نئين تبديلي سان سڀ ڪجهه هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ويندو. حقيقت ۾ ان ري ڊيزائن جو مقصد ئي اي آءِ کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ آهي ته جيئن انهن ٽولز جو استعمال وڌي سگهي. نئين تبديلي سان ڪميونٽيز ٽيب متاثر ٿيندي ڇو ته ان کي ختم ڪري چيٽس ٽيب جو حصو بڻايو ويندو. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ميٽا واٽس ايپ ۾ ڪاسٽيوم اي آءِ بوٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي. واٽس ايپ ۾ اهو نئون اضافو انسٽاگرام جي اي آءِ اسٽوڊيو کان وڌيڪ بهتر هوندو. هاڻ اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪيترا ماڻهو پنهنجا ڪاسٽيوم اي آءِ بوٽس ٺاهڻ جا خواهشمند هوندا،گهڻي قدر ته ماڻهو اڳواٽ موجود بوٽس سان ڳالهائي ئي مطمئن ٿي ويندا يا حقيقي ماڻهن سان چيٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا. جيئن ته مٿي ڄاڻايل آهي ته هي نئين تبديلي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته سمورن واهپيدارن اِها سهولت ڪڏهن متعارف ڪرائي ويندي.