بجلي چوري روڪڻ ۽ وصولي لاءِ ليسڪو ۾ آءِ ايس آئي، ايم آءِ ۽ رينجرز تي ٻڌل يونٽ قائم

لاهور: وفاقي حڪومت بجلي چوري روڪڻ ۽ وصولين جي حوالي سان لاهور اليڪٽرسٽي سپلاءِ ڪمپني(ليسڪو) جي مدد لاءِ سيڪٽر ڪمانڊر سول آرمڊ فورس(رينجرز) آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين آفيسرن تي ٻڌل ڊسڪو سپورٽ يونٽ قائم ڪري ڇڏيو.

دستاويزن موجب پاور ڊويزن واري وزارت طرفان چيف ايگزيڪٽو ليسڪو انجنيئر شاهد حيدر انهي سپورٽ يونٽ جو ڊائريڪٽر جڏهن ته سيڪٽر ڪمانڊر سول آرمڊ فورس(رينجرز) انهي جو شريڪ ڊائريڪٽر(ڪوڊائريڪٽر) هوندو.

ڊسڪو سپورٽ يونٽ جي ٻين ميمبرن ۾ ايف آءِ اي، ملٽري انٽيليجنس ۽ آءِ ايس آءِ جي 18 ۽ 19 گريڊ جي آفيسر آءِ جي پنجاب طرفان نامزد ڪيل گريڊ 18 جي آفيسر(ايس پي) ۽ ڪمشنر لاهور طرفان نامزد ڪيل گريڊ 18 جا آفيسر شامل آهن.

دستاويزن موجب انهي ڊسڪو سپورٽ يونٽ جي ٽي او آرز ۾ وصولين جي  ريڪوري ۾ تيزي آڻڻ، بجلي چوري جي خلاف پلان ترتيب ڏيڻ، انتظامي مداخلت ڪندي نان ٽيڪنيڪل لاسز ۾ گهٽتائي، مسئلن جي ٽيڪنيڪل حل ۾ بهتري ۽ انهي تي عمل ڪرڻ وارو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول انتظاميه سان گڏ انٽرفيس قائم ڪري انتظامي گهٽتائين کي ختم ڪرڻ ۽ ناقص ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ليسڪو آفيسرن ۽ ملازمن کي انٽيلجنس بيسڊ ٽبوتن جي بنياد تي نوڪرين کان فارغ ڪرڻ شامل آهي.

A unit based on ISI