لاهور ۾(ن) ليگ جي آفيس ساڙڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 31 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

لاهور: لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت مسلم ليگ(ن) جي آفيس  ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 31 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.

لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي آفيس کي باهه ڏئي ساڙڻ واري ڪيس جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد جاويد ٻڌڻي ڪئي.  ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد، عمر سرفراز، اعجاز چوڌري سميت ٻين کي جيل مان پيش ڪيو ويو جڏهن ته صنم جاويد حاضري لاءِ پيش ٿي.

عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، اعجاز چوڌري ۽ ميان محمودالرشيد تي فرد جرم لاڳو ڪئي. صنم جاويد سميت ٻين جوابدارن تي به فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت سمورن جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪيس جي ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي آفيس ساڙڻ بابت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ٿيندي. ياد رهي ته جوابدارن جي خلاف گلبرگ ٿاڻي ۽ ماڊل ٽائون ٿاڻي ۾ پوليس ڪيس داخل ڪري رکيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن مٿان بغاوت ۽ ڪارڪنن کي باهيون ڏيڻ لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام آهي