صدر ٽرمپ، غزا ۾ جنگبندي لاءِ پراميد، ڪنهن به وقت اعلان متوقع

واشنگٽن : نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن هفتي غزه ۾ جنگ بندي معاهدي جي اميد ظاهر ڪئي آهي. آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزه ۾ جنگ بندي جو معاهدو تمام ويجهو آهي ۽ ممڪن آهي ته هن هفتي جي آخر تائين مڪمل ٿي وڃي. ٽرمپ ڪنهن ڌر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هنن کي اهو ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن هنن نه ڪيو ته سندن لاءِ وڏي مصيبت هوندي، اهڙي مصيبت جيڪ هنن ڪڏهن ماضي ۾ نه ڏٺي هوندي. ياد رهي ته اڳ ۾ صدر ٽرمپ حماس تي زور ڀريو هو ته هو يرغمالي آزاد ڪري ۽ غزه جنگبندي معاهدو 20 جنوري تي سندس حلف برداري کان ٿيڻ گهرجي. اسرائيل جي اڳوڻي فارين منسٽري جي ڊي جي، ايلن ليئل الجزيرا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جنگبندي لاءِ آمريڪا جو وڏو دٻاءُ آهي، صدر بائيڊن ۽ ٽرمپ جا نمائندا دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته فور جنگبندي ڪريو. رائٽرز جي خبر موجب هڪ اسرائيلي اهلڪار ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته حماس يرغمالي ٻن مرحلن ۾ آزاد ڪندي ۽ اسرائيلي فوج به مرحليوار غزا مان نڪرندي. سندس چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 33 اسرائيلي يرغمالي آزاد ٿيندا، جن م بيمار، زخمي، عورت فوجي اهلڪار ۽ 50 سالن کان وڏي ڄمار وارا شامل هوندا. جنگبندي جي 16 هين ڏينهن تي ڳالهين جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو ۽ باقي يرغمالي آزاد ٿيندا. اسرائيلي فوج بارڊر وارن ڳوٺن ۽ شهرن۾ موجود رهندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته غزا جي اترين علائقن ۾ فلسطيني واپس وڃن پر هٿيار نه کڻي وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته قطر اسرائيلي حڪومت ۽ حماس کي حتمي معاهدي جو ڊرافٽ حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن به وقت جنگبندي جو اعلان متوقع آهي.

hoping for a cease-fire law in GazaPresident Trump