خان ۽ بشرا خلاف 190ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ جي القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو اڄ سومر تي ٽيون ڀيرو ملتوي ڪندي 17 جنوري تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳ ۾ هن ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جيڪو سياري جي موڪلن سبب ملتوي ڪيو ويو هو ۽ 6 جنوري جي نئين تاريّ ڏني وئي هئي. 6 جنوري تي جج جي موڪل تي هئڻ سبب فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪندي 13 جنوري تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. اڊيالا جيل جي عارضي عدالتي روم ۾ فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ باني پي ٽي آءِ ِ جي ڀيڻن نورين ۽ عظما خان سان گڏ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا به موجود هئا. جج چيو ته عمران خان، بشرا بي بي ۽ سندن وڪيلن مان ڪو به موجود ناهي ان ڪري ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪيو ٿو وڃي. ياد رهي ته خصوصي احتساب عدالت هن ڪيس جي ٻڌڻي به جيل ۾ ڪئي هئي. هن ڪيس ۾ عمران ۽ سندس گهرواري تي 8 فيبروري جي عام چونڊن کانپوءِ 27 فيبروري 2024 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ جي باني خلاف پنهنجي ريفرنس ۾ نيب الزام هنيو هو ته ان وقت جي ڪابينا 2019 ۾ 190 ملين پائونڊ ڏيڻ لاءِ هڪ ڳجهي ڊيڊ جي منظوري ڏني هئي، جنهن هيٺ لنڊن ۾ پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي مني لانڊرنگ ذريعي ٺاهيل ملڪيت ضبط ڪري برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) سندس اها ملڪيت نيلام ڪري رقم پاڪستان حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. تڏهوڪي وزيراعظم عمران خان، ذلفي بخاري ۽ شهزاد اڪبر ملڪ رياض سان ڊيل ڪري اها رقم قومي خزاني بدران ملڪ رياض تي سپريم ڪورت پاران زمينن تي قبضي جي ڪيس ۾ لڳايل ڏنڊ جي مد ۾ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي هئي. وفاقي ڪابينا بند لفافي ۾ موجود سمري منظور ڪئي هئي.