حڪومت سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي تعمير بابت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار چولستان ڪينال جي تعمير بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي مداخلت تي منصوبو نيشنل اڪنامڪ ڪونسل جي ايگزيڪٽو ڪميٽي(ايڪنڪ) جي ايجنڊا مان ڊراپ ڪيو ويو، منصوبي جي گڏيل مفادن واري ڪونسل کان منظوري وٺڻ جو فيصلو برقرار رهندو. 

رپورٽ موجب ڪابينه ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته چولستان ڪينال جي سي سي آءِ کان منظوري وٺڻ جو فيصلو برقرار رهندو. نگران دور ۾ ايڪنڪ چولستان ڪينال جي منظوري سي سي آءِ سان مشروط ڪري ڇڏي هئي. انهي کان اڳ سنڌ جي مخالفت جي باوجود سمري ايڪنڪ ڏانهن اماڻي وئي هئي، منصوبه بندي واري وزارت ڪابينه ڊويزن کي ايڪنڪ جي منٽس تبديلي جي درخواست ڪئي هئي

ڪابينه ڊويزن کان ايڪنڪ منٽس مان چولستان ڪينال کي ڪڍڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. منصوبه بندي واري وزارت جو موقف هو ته ايڪنڪ منٽس ۾ چولستان ڪينال غلطي سبب شامل ٿيو. وزارت جو موقف هو ته ايڪنڪ جو فيصلو چولستان نه صرف گريٽر ٿل ڪينال بابت هو.

ڪابيه ڊويزن جي ذريعن موجب سنڌ کي چولستان ڪينال جي تعمير تي اعتراض آهي، سربسز پاڪستان جي قدمن تحت مختلف ڪانيلز جي تعمير جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي.

سنڌ ڪينال جي تعمير کي پاڻي جي دستيابي وڌائڻ سان مشروط ڪيو آهي، سنڌ حڪومت کي خدشو آهي ته اهڙن ڪينالن جي تعمير سان صوبي جي پاڻي جو حصو گهٽ ٿي ويندو.

سنڌ جو موقف آهي ته ڪينال جي تعمير کان اڳ پاڻي جي دستيابي کي وڌايو وڃي، پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته چولستان ڪينال کي 4 مهينا ٻوڏ جو پاڻي ملندو.

حڪومتي ذريعن موجب سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت جو موقف مڃڻ تي راضي نه آهي، چولستان ڪينال اينڊ سسٽم منصوبي تي 211 ارب 40 ڪروڙ روپين جي لاڳت رکي وئي آهي. منصوبي جي ذريعي لکين ايڪڙ بنجر زمين کي زرعي مقصد جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. منصوبي جي تحت 4 لک ايڪڙ ايراضي کي پوکي هيٺ آندو ويندو.