وڏي وزير جا 12 نوان خاص مددگار ۽ 8 نوان سرڪاري ترجمان مقرر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير 8 نوان ترجمان ۽ 12 نوان خاص مددگار مقرر ڪيا آهن.سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نادر نبيل گبول، سک ديو، بلند خان جوڻيجو، سميتا افضل، تحسين عابدي، هير سوهو، سيده اقربا فاطمه ۽ مصطفيٰ عبدالله بلوچ کي سرڪاري ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب وڏي وزير پير افضل شاهه، لياقت عسڪاني، تنزيله عم حبيبه، امير حمزه ۽ محمد رضا هارون کي خاص مددگار مقرر ڪيو. انهن کان علاوه خير محمد شيخ، ڪلثوم چانڊيو، امان الله مسعود، محمد علي راشد، محمد علي ڀٽو، حسين اسلم ۽ ويرجي ڪولهي به خاص مددگارن ۾ شامل آهن.12 نون خاص مددگارن جي مقرري کان پوءِ سنڌ حڪومت ۾ خاص مددگارن جو انگ هاڻي 18 ٿي ويو آهي.