مستونگ ۾ هٿياربندن جو ليويز پوسٽ تي حملو

مستونگ : بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي علائقي دشت ۾ گذريل رات هٿياربند ماڻهن ليويز پوسٽ تي حملو ڪيو.ضلعي انتظاميا جي ذريعن موجب، هٿياربند حملي آور ليويز اهلڪارن کان هٿيار، موٽرسائيڪلون ۽ فون ڦري ويا ۽ پوسٽ سان لاڳاپيل هڪ سيمينٽ فيڪٽري جي مشينري کي به باهه ڏئي ڇڏي.ليويز اختيارين موجب، هٿياربند ماڻهن ڪوئيٽا-سبي ۽ سکر هاءِ وي تي گاڏين جي تلاشي پڻ ورتي.واقعي کان پوءِ فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو آهي.