واشنگٽن: آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مالياتي فراڊ ڪيس ۾ اڄ سزا ٻڌائي ويندي. سپريم ڪورٽ نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪارروائي معطل ڪرڻ جي درخواست 4 جي مقابلي ۾ 5 ووٽن سان رد ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪاروبار ۾ جعلسازي جي ڏوهاري جي حيثيت سان سزا ٻڌائي ويندي. عدالتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدارت سنڀاليندڙ پهريون ڏوهاري شخص بنجڻ جو داغ پڻ لڳي ويندو. جڏهن ته ڪارروائي لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي عدالت ۾ پيشي لازمي نه آهي.
ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ سزا ٻڌائيندڙ جج کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، انهي کان علاوه نئين چونڊيل آمريڪي صدر سزا ٻڌائڻ جي فيصلي کي حلف برداري تقريب تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا پڻ ڪئي هئي.