اسلام آباد: قومي ايئر لائنز پي آءِ اي جو ساڍن 4 سالن کان پوءِ يورپ لاءِ فلائٽ آپريشن بحال ٿي ويو، پهرين اڏام اسلام آباد کان مسافرن کي کڻي پيرس رواني ٿي وئي آهي.
دفاع واري وزير خواجه آصف مسافرن کي الوداع ڪيو، اڏام پي ڪي 749 ۾ 323 مسافر سوار آهن، پيرس لاءِ هفتيوار 2 اڏامون هلايون وينديون.
دفاع واري وزير خواجه آصف اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فرانس جي ايمبيسي اسٽاف سان گڏ افتتاحي ربن ڪٽي افتتاح ڪيو. تقريب ۾ وزير هوابازي، سيڪريٽري ايوي ايشن، ڊي جي سي اي اي شريڪ ٿيا. سي اي او پي آءِ اي عامر حيات، ايئر پورٽ مئنيجر آفتاب گيلاني به انهي موقعي تي موجود هئا.
انهي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته هڪ وقت هو جڏهن پي آءِ اي دنيا جي لينڊنگ ايئرلائين هئي، پي آءِ اي ڪيترين ئي ايئر لائنز کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پوءِ اسان ٻئي ايئرلائنز جا محتاج ٿي وياسين.هن چيو ته ماضي ۾ اسيمبلي فلور تي هوابازي واري وزير جي بيان تي تمام وڏي تباهي آئي، پورا ساڍا 4 سال اسان جا پرڏيهي پاڪستاني ڊائريڪٽ هتي نٿي اچي سگهيا، انهن کي دوبئي، دوحه، ابو ظهبي يا ڪنهن ٻئي هنڌ تان فلائٽ وٺي پاڪستان اچڻو پوندو هو. سفر به مهانگو ٿي ويو هو، پئسا به وڌيڪ ڏيڻا پوندا هئا.
خواجه آصف چيو ته هڪ بيان ايتري وڏي تباهي کي جنم ڏنو، اهو وڏو الميو آهي هتي اهڙي قسم جي غلط فيصلن تي احتساب ناهي ٿيندو اڄ کان ٻيهر پيرس لاءِ ڊائريڪٽ فلائٽس شروع ٿي رهي آهي، اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي.
ذريعن موجب پيرس لاءِ پهرين ڊائريڪٽ فلائٽ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون، جهاز ۾ 323 مسافرن جي گنجائش هئي جيڪا پوري آهي، پي آءِ اي جون ايندڙ هفتي جي اڏامن جون به سموريون سيٽون بڪ ٿي ويون آهن. ياد رهي ته 2020 ۾ پائلٽس جي لائسنس تڪرار تي يورپي ملڪن پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.