گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.

گهرو وزير محسن نقوي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو ۽ سندس خيريت پڇا ڪئي، محسن نقوي مولانا فضل الرحمان جي صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جي گڏيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. خيبرپختونخواهه خاص طور تي ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي ۽ مولانا فضل الرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو. ڪجهه عناصر ڄاڻي واڻي ڪرم معاملي کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتري لاءِ گريڊ جرگه جي مخلصاڻي ڪوششن جي تعريف ڪريون ٿا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان پراڻو واسطو آهي، پاڪستان جي سياست ۾ جي يو آءِ(ف) جي سربراهه جو مثبت ڪردار تعريف جوڳو آهي

Interior Minister Mohsin Naqvi's meeting with Maulana Fazlur Rehman