اڄوڪي دور ۾ ٽي وي تقريبن هر گهر ۾ موجود آهي، جديديت جي ڪري ٽيليويزن لاءِ مختلف سهولتون ته اچي ويون آهن پر ڪيتري به سهولت هجي بنا بجلي جي ٽي وي ڏسڻ ناممڪن هوندو آهي.
پر ڇا توهان اهڙي ٽي وي وٺڻ يا ڏسڻ پسند ڪندئو جيڪا بجلي جي بنا ئي هلائي سگهجي؟ ۽ اها رڳو ڪنهن به موبائل وانگر ڪهڙي به هنڌ رڳو چارج ڪري ڏسي سگهجي.
جيڪڏهن ها ته پوءِ اسٽنڊ باءِ مي 2 نالي اها انوکي ٽي وي توهان کي تمام گهڻي وڻندي.
لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو (سي اِي ايس) جي موقعي تي اهڙي ٽي وي پيش ڪئي آهي جنهن کي توهان ڪهڙي به هنڌ کڻي وڃي سگهو ٿا ۽ پنهنجا وڻندڙ پروگرام ڏسي سگهو ٿا.
اها پورٽ ايبل ٽچ اسڪرين ٽي وي 1440P تصويري ريزوليوشن واري ٽي وي آهي.
ان ۾ موجود بيٽري هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي چار ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿي.
اهڙي ريت ٽي وي جي رپورٽ کي ان ڊوائيس سان چڪمچ جي مدد سان جوڙي سگهجي ٿو ته جيئن اهو گم به نٿي سگهي.
ان ۾ موجود يو ايس بي پورٽ جي مدد سان ٻيون ڪيتريون ئي شيون به جوڙي سگهجن ٿيون.
ڏکڻ ڪوريائي ڪمپني ان ٽي وي جي قيمت يا عام ماڻهن لاءِ فراهمي جو في الحال اعلان ناهي ڪيو، پر اهو ضرور ٻڌايو ويو آهي ته اها ٽي وي تمام جلد ماڻهن جي گهرن ۾ هوندي.