لاس اينجلس : آمريڪي شهر لاس اينجلس جي ويجهو ٻيلي ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. نيشنل گارڊ اهلڪارن کي فائر فائٽرز جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. چئن هنڌن تي لڳل باهه ۾ پنج ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ درجنين زخمي ٿي پيا آهن.آمريڪي ميڊيا موجب، باهه اڱاري جي صبح لاس اينجلس جي پئسفڪ پيليسيڊس رهائشي علائقي ۾ لڳي وئي.بي قابو باهه هڪ هزار کان وڌيڪ گهر ۽ ڪاروبار کي ساڙي ڇڏيو، جنهن جو نقصان 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو اندازو لڳايو ويو.باهه التدينه علائقي ۾ التقوي مسجد کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن جا اربين رپين جا گهر به تباهه ٿي ويا، ۽ باهه وسائڻ لاءِ عملي ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تيز ۽ خشڪ هوائن سبب باهه تيزي سان پکڙجي وئي.لکين ماڻهن کي متاثر علائقن مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، ڪيليفورنيا ۾ 5 هنڌن تي باهه لڳي رهي آهي، رهاڪن جي گهرن مان نڪرڻ تي لٽيرا ڪامياب ٿي ويا آهن، ۽ خالي گهرن ۾ ڦرلٽ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.فائر برگيڊ عملدارن موجب، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ۽ پوليس باهه جي صورتحال کي غير معمولي ۽ ناقابلِ فهم قرار ڏنو آهي.