پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر مقرر ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

آئيني درخواست فهميده نواز انصاري ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر جي برابر ڪئي وڃي.

درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي  حڪومتن کي ڌر بنايو ويو آهي، موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان  برطانوي ڪالوني رهيو آهي ۽ اتان جو قانون هتي به لاڳو ڪيو ويو آهي.

عدالتي ڪيسز ۾ به آمريڪا ۽ برطانوي عدالتن جي فيصلن ۽ قانون کي مڃيو ويندو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾  به برطانوي ۽ آمريڪي ليبر قانون هجڻ گهرجن.

آمريڪا ۽ برطانيه ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر مقرر آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي

In Pakistanthe minimum salary should be set at one thousand dollars