ماسڪو : اڳوڻي شامي صدر بشار الاسد کي روس ۾ مبينا طور زهر ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، گذريل مهيني ڊسمبر ۾ جڏهن شام جي راڄڌاني دمشق تي اپوزيشن فورسز جي قبضي کان اڳ صدر بشار الاسد پنهنجي ڪٽنب سان گڏ روس فرار ٿي ويا هو.
روس بشار الاسد ۽ سندس ڪٽنب کي انساني همدردي جي بنياد تي پناهه ڏني هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ماسڪو ۾ بشار الاسد کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، جنرل ايس وي آر نالي هڪ آن لائين اڪائونٽ (جنهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته اِهو روس جو هڪ اڳوڻو اعليٰ جاسوس هلائي ٿو) طرفان بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته بشار الاسد آچر جي ڏينهن ماسڪو ۾ بيمار ٿي پيو.
بيان موجب، اڳوڻي شامي صدر سخت کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪندي طبي امداد طلب ڪئي.
بيان ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته بشار الاسد کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اڳوڻي صدر جو علاج سندس اپارٽمينٽ ۾ ڪيو ويو ۽ هو هاڻي هوريان هوريان صحتياب ٿي رهيو آهي، طبي ٽيسٽنگ ذريعي کيس زهر ڏيڻ جي تصديق پڻ ٿي آهي.
جنرل ايس وي آر طرفان معاملي جا وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، ٻئي پاسي روسي حڪومت طرفان ان واقعي جي تصديق ناهي ڪئي وئي.