عالمي مارڪيٽ ۽ پاڪستان ۾ سون سستو

ڪراچي : عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جو اگهه گهٽجي ويو.عالمي مارڪيٽ ۾ 18 ڊالر لاٿ کانپوءِ في اونس سون جي قيمت 2639 ڊالر ٿي وئي آهي. مقامي مارڪيٽن ۾ به سون سستو ٿيو آهي، 1200 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 75 هزار 700 رپيا، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 1029 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 36 هزار 368 رپيا ٿي وئي آهي.