پاڪستان ۾ 10 سالن دوران بيروزگاري جي شرح 1.5 سيڪڙو مان وڌي 7 سيڪڙو تي پهچي وئي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ بيروزگاري ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، گذريل 10 سالن ۾ بيروزگاري جي شرح 1.5 سيڪڙو مان وڌي 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

منصوبه بندي واري وزارت جي رپورٽ موجب آباڊي ۾ هر سال 50 لک ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب ملڪي معيشت تي بار وڌڻ سان گڏوگڏ بيروزگاري ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. پلاننگ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل 10 سالن جي دوران پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 1.5 سيڪڙو مان وڌي 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت ۾ بيروزگاري جي شرح 4.5 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ هر سال دوران انهي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڀارت ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.

شماريات کاتي موجب بيروزگاري ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش کان اڳيان آهي. خطي جي ٻين ملڪن جي نسبت پاڪستاني عورتون روزگار ۾ سڀني کان پوئتي آهن. دستاويزن موجب 2021 جي دوران پاڪستان ۾ بيروزگاري تاريخ جي بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي، پاڪستان کي بيروزگاري ختم ڪرڻ جي لاءِ ساليانو 15 لک نوڪرين جي ضرورت آهي