انٽرنيٽ بند ڇو؟ بريفنگ لاءِ گهرو وزير طلب، ڳجها ادارا مداخلت پيا ڪن: اپوزيشن

اسلام آباد: انٽرنيٽ جي سست رفتاري جي معاملي تي شرميلا فاروقي شزا فاطما تي ڪاڙوجي پئي ۽ چيو ته ڇا سڀ ڪوڙ ڳالھائي رهيا آهن؟ قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سيد امين الحق ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس سست ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻنهي شهرن ۾ بجلي بند ٿي  وڃي ته سروس متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس امين الحق جي صدارت ۾ ٿيو، چيئرمين چيو ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل تي سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، اميد آهي ته ڪو بهتر نتيجو نڪرندو، ڊجيٽل نيشن بل ٻيهر ڪميٽي ۾ ايندو، ڪميٽيءَ مان پاس ٿي ته پوءِ پارليامينٽ ۾ پاس ڪيو ويندو، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته اڳ ٽيليفونز جي جاسوسي ڪئي ويندي هئي، شهرين جي نگراني اڃا به جاري آهي، ڳجهن ادارن مداخلت ڪري انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي، سروس بند ٿيڻ سبب ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست ٿي رهي آهي، حڪومت اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي، وي پي اين جي رجسٽريشن معاملي ۾ حڪومت جي نيت خراب آهي، ڪميٽي ميمبر رومينا خورشيد چيو ته سڄي دنيا ۾ شين جي نگراني ڪئي ويندي آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڪارٽون جي نگراني ڪئي ويندي آهي، اجلاس ۾ پي ٽي اي چيئرمين چيو ته 7 مان 3 سب ميرين ڪيبلون ڪٽجي ويون هيون، آڪٽوبر ۾ 5 مهينن کانپوءِ سب ميرين ڪيبل بحال ڪئي وئي، اوڪالا موجب آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ انٽرنيٽ سروس بهتر ٿي آهي، ڪوالٽي رپورٽ اوهان جي سامهون آهي، جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو ته ذميوار مان آهيان، ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ سميت سمورين ڪمپنين کي لکيو، ٻين ڪمپنين کي به لکيو ۽ پڇيو ته ڇا انٽرنيٽ جو مسئلو ناهي؟ جيڪڏهن ڪو مسئلو هجي ها ته ڪمپنين کي ڇو لکون ها؟ هن چيو ته پيڪا ايڪٽ تحت جيڪڏهن حڪومت هدايت ڪندي اهي ته پليٽ فارم بند ڪندا آهيون، اسين سوشل ميڊيا کي بلاڪ ڪري سگهون ٿا يا کولي به سگهون ٿا، پي ٽي اي وٽ ڪو گيئر ناهي، اسان سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي سست نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته حڪومت ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو، واٽس اپ چيو ته اڃا به مسئلو اچي رهيو آهي، فائبر وڇائڻ حڪومت جو ڪم آهي، توهان کي ڊجيٽل هاءِ وي ٺاهڻي پوندي تڏهن انٽرنيٽ ٺيڪ ٿيندي، گذريل 10 سالن ۾ هڪ به سب ميرين ڪيبل ناهي آئي، سب ميرين ڪيبل آڻڻ ۽ فائبر ڪيبل وڇائڻ حڪومت جو ڪم آهي.مملڪتي شزا فاطمه چيو ته اسان جو بهترين انٽرنيٽ به اهڙو ناهي جهڙو هجڻ گهرجي، انڊسٽري وارا چئي رهيا آهن ته انٽرنيٽ ڪم ڪري رهي آهي، پاشا انٽرنيٽ جي بندش بابت جيڪا ڊيٽا ڏني هئي اها غلط هئي، اجلاس دوران شرميلا فاروقي مملڪتي وزير شزا فاطما تي ڪاوڙجي پئي، پ پ ميمبر شرميلا فاروقي چيو مان تمام گهڻي مايوس آهيان، 4 اجلاس ٿي چڪا آهن، ڪو حل ناهي نڪتو، يا ته اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيون يا حڪومت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، منهنجو مڙس اي ڪامرس ڪمپني هلائي ٿو، کيس نقصان ٿيو آهي، ڇا سڀئي ڪوڙ ڳالھائي رهيا آهن، هن چيو پي ٽي آءِ جي احتجاج جو سڏ اچي ٿو ته انٽرنيٽ بند ٿي وڃي ٿا، ڇا اسان احمق آهيون جو سڀ ڪم ڇڏي ڪميٽي ۾ اچي رهيا آهيون ۽ هتي ڪميٽي ۾ چيو وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، مملڪتي وزير شزا فاطما چيو ته انٽرنيٽ جو مسئلو عارضي هو جيڪو حل ڪيو ويو آهي، اسٽار لنڪ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، هن ٻڌايو ته پاڪستان گذريل هڪ مهيني ۾ ڏيڍ ارب رپين جي ايڪسپورٽ ڪئي آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ بند آهي ته اهو پيسو ڪٿان اچي رهيو آهي؟. چيئرمين ڪميٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي حيدرآباد ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس تمام خراب آهي، ڪميٽي ميمبر ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته اسان جي علائقي جا ماڻهو اسان کي جوتن سان ماريندا آهن، منهنجو گهر ڪينٽ ۾ آهي، سروس تمام خراب آهي، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير جواب ڏنو ته اسان وٽ ڊيٽا آهي، ڪجهه علائقن ۾ ٽاورز جي فاصلي سبب سروس گهٽ آهي.سيد امين الحق چيو ته ڪراچي حيدرآباد ايم 9 تي 5 منٽن کانپوءِ لائين ڊراپ ٿي وڃي ٿي ، جنهن تي شزا فاطمه جواب ڏنو ته سڄي دنيا ۾ موٽر ويز تي ڪوريج جو مسئلو آهي، ايم 2 تي به انٽرنيٽ جو چئلينج آهي، امين الحق چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي وي پي اين بند نه ٿيڻ گهرجي، عمر ايوب چيو ته وي پي اين تي پابندي جي مخالفت ڪريون ٿا، اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو ته پاشا کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري پڇيو ته ٻڌايو وڃي ته سست انٽرنيٽ سبب ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ڪميٽي سڪيورٽي معاملن تي گهرو وزير کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي ۽ ڪميٽي گهرو وزير کان انٽرنيٽ جي معاملي تي ان ڪئميرا بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي.

Why is the internet off? Home Minister calls for briefing on law