اسلام آباد : حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪاميٽي جو ٻيو اجلاس ختم ٿي ويو، پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ جي لاءِ باني تحريڪ انصاف عمران خان سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو. جنهن کانپوءِ ڳالهين واري ڪاميٽي جو ٽيون اجلاس ايندڙ هفتي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته گذريل اجلاس جي فيصلي موجب پي ٽي آءِ کي اڄ لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻا هئا، پر پي ٽي آءِ ميمبرن چيو ته هو باني پارٽي سان صلاح مشوري کانپوءِ لکت ۾ جواب ڏيندا. اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته ٽيون اجلاس ايندڙ هفتي ٿيندو. هن چيو ته ملاقات جو ماحول پهرين ملاقات کان بهتر رهيو، علي امين گنڊاپور کليل دل سان ڳالهين لاءِ سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ سڀني گڏجي پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهين واري عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جو گڏيل پڌرنامو عرفان صديقي پڙهي ٻڌايو. جنهن ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ رابطا ڪاميٽي جي چيئرمين عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن تفصيلي موقف پيش ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. هنن اهو به مطالبو ڪيو ته حڪومت ضمانت حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن. پي ٽي آءِ ڪاميٽي آگاهه ڪيو ته لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪرڻ جي لاءِ سان کي اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات، مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. عمران خان ڳالهين جو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، تنهن ڪري ان کي مثبت انداز ۾ هلائڻ لاءِ اُن جون هدايتون انتهائي ضروري آهن. جاري ڪيل پڌرائي موجب پي ٽي آءِ رابطا ڪاميٽي چيو ته عمران خان سان صلاح مشوري ۽ رهنمائي ڪرڻ بعد ايندڙ اجلاس ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ باضابطه لکت ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي ڪميٽي جي طرفان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلي موجب اسان کي اميد هئي ته پي ٽي آءِ اڄ پنهنجا مطالبا لکت ۾ پيش ڪندي ته جيئن ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائي سگهجي، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي ته پي ٽي آءِ ڪاميٽي عمران خان کان هدايتون وٺي پنهنجا چارٽر آف ڊيمانڊز آڻي ته جيئن ٻئي ڪاميٽيون معاملن کي خوشي اصلوبيءَ سان اڳتي وڌائي سگهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان سان پي ٽي آءِ ڪاميٽي جي ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڪاميٽين جي ٽئين اجلاس جي تاريخ جو فيصلو ايندڙ هفتي ڪيو ويندو. ڳالهين واري ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومتي پارٽيون پي ٽي آءِ جي لکيل مطالبن تي پنهنجي پنهنجي قيادت سان مشاورت ڪنديون ۽ پي ٽي آءِ کي لکت ۾ جواب ڏنو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي مطالبن جي هر ڳالهه تي نواز شريف کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته عمران خان جي آزاديءَ جي حوالي سان آمريڪا جو ڪو به دٻاءُ ناهي، علي امين گنڊاپور ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تمام مثبت ڳالهيون ڪيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن جا معاملا عدالتن ۾ وڃي چڪا آهن ته پوءِ انهن جو فيصلو عدالتن کي ئي ڪرڻو هوندو آهي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ طرفان عمر ايوب خان، علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجه، اسد قيصر، سيينٽر راجه ناصر عباس، صاحبزاده محمود حامد رضا شرڪت ڪئي. جڏهن ته حڪومتي اتحاد ڪاميٽي پاران نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي، رانا ثناءٌ الله، پيپلز پارٽيءَ جي پرويز اشرف، سيد نويد قمر، ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار، پاڪستان مسلم ليگ ض جي اعجاز الحق، بلوچستان عوامي پارٽيءَ جي خالد حسين مگسي، آءِ پي پي جي عبدالعيم خان شرڪت ڪئي.