شاهد ڪپور پنهنجي نئين فلم ”ديوا“ جو پوسٽر جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي نئين فلم ”ديوا“ جو پوسٽر جاري ڪري ڇڏيو،ڀارتي ميڊيا موجب هي ايڪشن ۽ ڊرامي فلم 31 جنوري تي رليز ڪئي ويندي،اداڪاره پيغام ۾ چيو ته فلم جي شوٽنگ ۽ ٻيا معاملا مڪمل ٿي ويا آهن ۽ فلم رليز لاءِ تيار آهي،ڀارتي ميڊيا موجب فلم ”ديوا“ ۾ شاهد ڪپور پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته ان جي ٻي ڪاسٽ ۾ پوجا هيگڊا شامل آهي، جيڪا هڪ صحافي جي ڪردار ۾ نظر ايندي،ڀارتي ميڊيا موجب اڳ ۾ هن فلم جي رليز جي تاريخ 14 فيبروري مقرر ڪئي وئي هئي پر هاڻي ان کي 31 جنوري تي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.