ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد: توانائي واري وزارت چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ايم اين اي سيد طارق حسين جي صدارت هيٺ ٿيو.ڪميٽي وفاقي وزير جي درخواست تي ”پاڪستان اينيمل سائنس ڪائونسل بل 2024ع“ ملتوي ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد جانورن جي سائنس ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ وقف ادارو قائم ڪرڻ هو.ڪميٽي جي چيئرمين وزارت ۽ قانون واري وزارت جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو بل جو جائزو وٺي ايندڙ اجلاس ۾ اتفاق راءِ طلب ڪن.هوڏانهن قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ توانائي واري وزارت جي عملدارن چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.