غزه : اسرائيلي فوج پاران نام نهاد سيف زون المواسي تي بمباري جي نتيجي ۾ 11 فلسطيني شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب غزه ۾ برسات، سردي ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب 14 مهينن کان جاري جنگ سبب پيدا ٿيل انساني بحران وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.غزه ۾ ٿڌ سبب ستين جو نئون ڄاول ٻار فوت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هائيپوٿرميا سبب فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي.ان دوران 632 اسرائيلي آبادگارن اسرائيلي پوليس جي حفاظت ۾ مسجد اقصيٰ جي احاطي تي حملو ڪيو ۽ اتي مذهبي رسمون ادا ڪيون. اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪيٽز حماس کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن هن اسرائيل تي حملا بند نه ڪيا ۽ يرغمالين کي آزاد نه ڪيو ته هو غزه ۾ ڊگهي عرصي کان نظر نه ايندڙ قوت سان حملو ڪندو.