سينئر سفارتڪار شفقت علي خان پرڏيهي وزارت جو نئون ترجمان مقرر

اسلام آباد: سينئر سفارتڪار شفقت خان کي پرڏيهي وزارت جو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب شفقت علي خان  هن وقت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري يورپ مقرر آهي، شفقت علي خان روس ۾ پاڪستان جو سفير رهي چڪو آهي ۽ پولينڊ ۾ به پاڪستاني سفير جي طور تي ڪم ڪري چڪو آهي.

هن وقت پرڏيهي وزارت جي ترجمان جا فرض ممتاز زهره بلوچ ادا ڪري رهي آهي، رپورٽون آهن ته ممتاز زهره بلوچ کي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي تجويز تي فرانس ۾ پاڪستاني سفير مقرر ڪيو ويندو.

ياد رهي ته ممتاز زهره بلوچ نومبر 2022 ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو عهدو سنڀاليو هو. جڏهن ته گذريل سال آگسٽ ۾ اها خبر به سامهون آئي هئي ته ممتاز زهره بلوچ کي فرانس ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.