نيويارڪ : ناسا جي خلائي جهاز سج جي تمام ويجهو پرواز ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب سائنسدانن کي گذريل رات پارڪر سولر پروب مان سگنل مليو.ان کان اڳ، خلائي جهاز سج جي ٻاهرئين ماحول جي ذريعي 3.8 ملين ميل پرواز ڪري رهيو هو، انتهائي گرمي پد ۽ سج پاران نڪرندڙ انتهائي تابڪاري کي برداشت ڪري رهيو هو، جنهن دوران هن جو ڌرتيء سان رابطو ختم ٿي ويو.ان حوالي سان آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا جو چوڻ آهي ته خلائي جهاز محفوظ ۽ معمول مطابق ڪم ڪري رهيو آهي.سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ناسا جو مشن اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته سج اصل ۾ ڪيئن ڪم ڪندو آهي.