سکر: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته(ن) ليگ کي ڪاميابي سان حڪومت ڪرڻي آهي ته اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻا پوندا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ تاريخي جلسو ٿيو، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي عوام معاشي صورتحال سبب تمام گهڻو پريشان آهي، پاڻي هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي، پيپلز پارٽي هميشه عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام چاهي ٿي ته انهن جا نمائندا مسئلا حل ڪن، عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين چيو ته اميد آهي ته ڳالهين جي ذريعي صوبن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. ڪئنالن ڪڍڻ جو فيصلو به ڪالاباغ ڊيم جيان هڪ طرفو فيصلو آهي جيڪو ناڪام ٿيندو، وفاق کي صوبن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي جي تحت(ن) ليگ جي وزيراعظم کي ووٽ ڏنو، اميد آهي ته اسان جي شڪايتن کي سنجيده طريقي سان ورتو ويندو. پيپلز پارٽي هڪ صوبي جي نه پر وفاق جي پارٽي آهي، وفاق کي ڪمزور ڪندڙ فيصلن تي سخت رد عمل ڏينداسين، سکي ويو آهيان ته حڪومت کان ڪم ڪيئن ڪڍرائڻو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج سنڌ کان نه پر خيبرپختونخواهه مان شروع ٿيو، اسان طئي ڪيو هو ته چئني صوبن جو ترقياتي بجيٽ گڏجي ٺاهينداسين، محسوس ٿي رهيو آهي ته ننڍن صوبن سان وفاق جو رويو سٺو نٿو رهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪالاباغ ڊيم هڪ طرفو فيصلو هو جنهن تي اسان عمل ڪرڻ نه ڏنو، پاڪستان ۾ ڪنهن به حڪومت کان ڪم ڪڍڻو هجي ته وڏو مشڪل هوندو آهي. هڪ طرفي ڪنهن به فيصلي تي عمل نٿو ٿي سگهي. اسان کي آءِ ٽي سيڪٽر کي ساڳيون سهولتون ڏيڻيون پونديون جيڪي چين ۽ ڀارت ڏئي رهيا آهن.
هن چيو ته هنن جي سياست موٽر وي کان شروع ٿي ميٽرو تي ختم ٿي آهي، سمنڊ ۾ اهڙيون ڪهڙيون مڇيون آهن جيڪي صرف پاڪستان جي ڪيبل کي کائينديون آهن، حڪومت چوي ٿي ته انٽرنيٽ سلو ناهي ڪيو، ڪڏهن چون ٿا ته تار ڪٽجي وئي آهي، تيز ترين معاشي ترقي لاءِ تيز ترين انٽرنيٽ ضروري آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته اوهان فائر وال به وجهي ڇڏي ۽ وي پي اين تي پابندي لڳائي ڇڏي، ويب سائيٽ به بند ڪري ڇڏي، اهڙي انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۾ اسان سرمائيڪارن کي ڪيئن گهرايون. يورپي ملڪن کان پاڪستان جي اندروني معاملن تي بيان اچي رهيا آهن، يورپي ملڪن کي اوچتو پاڪستان جو ايٽمي پروگرام نظر اچي ويو، پاڪستان جا مفاد سياسي مفادن کان مٿانهان آهن.
هن چيو ته دنيا پهريان پاڻ کان سوال ڪري ته پاڪستان کي ايٽم ٺاهڻ جي ضرورت ڇو پئي؟ ايٽمي پروگرام جي قيمت جنهن ادا ڪئي آهي اهو ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن آهي، مون به ٻڌو آهي ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، جيڪڏهن معاشي بهتري اچي رهي آهي ته انهي جو اثر عوام تائين پهچڻ گهرجي.