اسلام آباد: وفاقي ڪابينه ٻن صدارتي آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينه ٻن صدارتي آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينه مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينه انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي به منظوري ڏئي ڇڏي، آرڊيننس جي ذريعي بينڪن جي 70 ارب روپين جي اضافي منافعي تي ٽيڪس وصولي ڪئي ويندي. ڪابينه جي منظوري کان پوءِ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيا ويندا.
انهي کان پهريان وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ گيس جي سپلائي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم گهريلو صارفين کي گيس سپلائي ۾ گهٽتائي جي شڪايت تي نوٽيس وٺندي چيو ته سياري جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گيس جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بنائي وڃي.
وزيراعظم سسٽم ۾ اصلاحات آڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهي مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي، گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي انهي موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپلس آر ايل اين جي موجود آهي جنهن سبب گيس لوڊ مينجمينٽ ۾ گذريل سال جي نسبت بهتري آئي آهي. گذريل سال جي نسبت هن سال گيس لوڊشيڊنگ جو ٽائيم گهٽ آهي.